بختيار چنا

بختيار چنا: صحافي ۽ سماجي ڪارڪن بختيار چنا، سنڌ جي مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ بئنڪر گل محمد چنا جو فرزند آهي. هن 4 فيبروري 1968ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. هن ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرز ڪئي. بئنڪاريءَ بابت نڪرندڙ واحد سنڌي مخزن ماهوار ’بئنڪنگ‘ جو 1988ع تائين ايڊيٽر رهيو، بعد ۾ ’سنڌ ايڪسپريس‘ (انگريزي) ۽ ’نواءِ وقت‘ ڪراچي (اردو) اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو. پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ۾ 1992- 1993ع تائين سنڌي ميڊيا جي تجزيي نگار ۽ ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪيائين. 1996ع کان نوابشاهه مان نڪرندر هفتيوار ’پروان‘ جو ايڊيٽر رهيو. 1997ع کان نوابشاهه ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ۽ پوءِ سرڪاري وڪيل ٿيو. هن 1992ع ۾ صحافين جي تنظيم ’سنڌ جرنلسٽس نيٽ ورڪ فار چلڊرين‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو هو. 2000ع کان گريجوئيٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان جو مرڪزي سيڪريٽري رهيو آهي ۽ نوابشاهه ۾ عورتن جي حقن لاءِ سٽيزن ائڪشن ڪميٽي جوڙي، ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.02.04  عيسوي

بختيار چنا: صحافي ۽ سماجي ڪارڪن بختيار چنا ، سنڌ جي مشهور اديب ، ڪهاڻيڪار ، ناول نويس ۽ بئنڪر گل محمد چنا جو فرزند آهي . هن 4 فيبروري 1968ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀوڄواڻي
حافظ حبيب سنڌي
ثابت فقير
آغا ابراهيم شاهه
شيخ ثناءُ الله
پرڀارام سنت
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
سيد سردار علي شاهه
امداد علي
اي ڪي بروهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون